تازه ترين

پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ملڪ جي دشمنن کان هضم نه ٿي رهي آهي : عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ملڪ جي دشمنن کان هضم نه ٿي رهي آهي، سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمني نامناسب آهي، اوهان سندن مٿان تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد برداشت جوڳي ناهي، دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري توڙي سهڪار جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته 9 مئي تي حملا ڪندڙ اڄ به ملڪي مفاد تي حملا ڪن ٿا، ملڪي مفاد خلاف ڳالهائيندڙ ملڪ جا دشمن آهن. سندس چوڻ هو ته پنهنجي سياسي مفاد ۽ انا کي ملڪ مفاد تي ترجيح ڏيڻ مذمت ۽ افسوسناڪ عمل آهي، تحريڪ انصاف پهرين ملڪي مفاد خلاف بيان ڏنو پوءِ ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو اهو پي ٽي آءِ جو پراڻو طريقو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جو ليڊر پهريان ئي ڪرپشن جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ملڪ جي دشمنن کان هضم نه ٿي رهي آهي، اهڙن عنصرن لاءِ هدايت جي دعا ڪن ٿا، ڪاش اهي ملڪي مفاد ۾ به ڳالهائن. هن چيو ته سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمني نامناسب آهي، اوهان سندن مٿان تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد برداشت جوڳي ناهي، دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري توڙي سهڪار جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو قيام ملڪ جي مفاد ۾ آهي، حڪومت جو سڀ کان اهم مقصد سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، پاڪستان ۾ دنيا جون بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽيون موجود آهن، هر سال 50 هزار جي لڳ ڀڳ گريجوئيٽ ٿي رهيا آهن، ووڪيشنل ٽريننگ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون