- Advertisement -
پاڪستان ۾ سياسي پارٽين وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ واري معاملي تي آمريڪا جو ردعمل به سامهون اچي ويو آهي.
آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان ۾ اتحادي حڪومت جو قيام پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ هو پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ چاهين.
سندن چوڻ هو ته پاڪستان اليڪشن بابت ڌانڌليءَ جون ويڊيوز ڏٺيون آهن، هو چاهين ٿا ته ڌانڌلي ۽ فراڊ جي شفاف جاچ ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊن ۾ مداخلت ۽ ڌانڌلي الزامن جي جاچ پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي..- Advertisement -
