- Advertisement -
پاڪ افغان بارڊر تي پاڪ فوج دهشتگردن جي داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا 3 جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته باجوڙ ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سڪيورٽي فورسز اثرائتو جواب ڏيندي دهشتگردن جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهادت ماڻيندڙن ۾ لانس نائڪ عنايت خان، لانس نائڪ عمر حيات ۽ سپاهي وقار احمد شامل آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيوته پاڪستان مسلسل افغان عبوري حڪومت کي اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ لاءِ چوندو رهيو آهي، اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت ان سلسلي ۾ ضروري قدم کڻي.
آءِ ايس پي آر موجب افغان عبوري حڪومت پنهنجي ڌرتي دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ کان روڪي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون دهشتگردي خلاف سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
