- Advertisement -
سامونڊي فوج جو اڳوڻو سربراهه ايڊمرل افتخار احمد سروهي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
سامونڊي فوج جي ترجمان موجب، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، ايڊمرل افتخار احمد سروهي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
ايڊمرل افتخار احمد سروهي 1955ع ۾ سامونڊي فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.
هن 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگن ۾ به حصو ورتو.
ايڊمرل افتخار احمد سروهي 1986 کان 1988ع تائين سامونڊي فوج جو سربراهه رهيو.
هو 1988ع کان 1991ع تائين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي رهيو.
امير البحر طرفان مرحوم کي سامونڊي فوج جي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.- Advertisement -
