- Advertisement -
افغان طالبان طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ-افغان سرحد تي اڳرائي ڪئي وئي، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 8 افعان طالبان مارجي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 2 اهم ڪمانڊر خليل ۽ جان محمد به شامل آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان طرفان پاڪستان تي دهشتگرد حملن ۾ سهولتڪاري ڪنهن کان لڪيل ناهي، دهشتگرد حملن سان گڏو گڏ هاڻي افغان طالبان جي عالمي سرحد تي اڳرائي کليل نموني سامهون اچي رهي آهي.
ذريعن موجب 7 سيپٽمبر جي صبح کان افغان طالبان طرفان پاڪ افغان سرحد ڀرسان افغانستان جي علائقي پلوسين منا پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي وڏي هٿيارن سان بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي.
ذريعن موجب پاڪ فوج طرفان افغان سائيڊ کان ڪيل فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، جنهن سبب افغان طالبان جو وڏو نقصان ٿيڻ جا طلاع آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب اطلاع موجب 8 افغان طالبان جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويا آهن ۽ 16 زخمي ٿيا آهن، مارجي ويلن ۾ 2 اهم ڪمانڊر خليل ۽ جان محمد به شامل آهن.- Advertisement -
