تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو جواب سخت ۽ شديد هوندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو جواب سخت ۽ شديد هوندو. ايبٽ آباد ۾ مختلف يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ويهڪ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان ويهڪ ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪ افغان ڇڪتاڻ، ملڪي سڪيورٽي صورتحال ۽ حق جي جنگ سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڳالهه ٻولهه دوران واضح ڪيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ فتنه الخوارج خلاف هاڪاري قدم کنيا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي جو جواب سخت ۽ شديد هوندو. استادن ۽ شاگردن شهيدن ۽ غازين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. هزاره يونيورسٽي جي وائس چانسلر چيو ته پاڪ فوج هميشه هر محاذ تي اول هوندي آهي ۽ هو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. استادن جو چوڻ آهي ته سندن ٻارن جي ذهنن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ دشمن عنصرن جون سرگرميون وڌي ويون آهن، ضروري آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي درست معلومات فراهم ڪن. شاگردن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جوابن سندن ذهنن مان ملڪي ۽ صوبائي حالتن سميت پاڪ فوج بابت شڪ شبها ختم ڪري ڇڏيا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون