- Advertisement -
هيسائڻ جي ڪيس جي متاثر ڊاڪٽرياڻي پروين رند سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود سيڪيورٽي نه ملڻ تي پيرين اگهاڙي دولتپور صفن عدالت پھتي.
عدالت جو جج موڪلڻ تي هجڻ سبب ٻڌڻي پھرين مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر پروين رند چيو ته عدالتي حڪمن باوجود کيس سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي، پوليس عدالتي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ڪجھه به ٿئي پر هوءَ ڪيس تان هٿ نه کڻندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري.
سندس چوڻ هو ته کيس سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي، ڪجھه به ٿيو ته ان جي ذميوار پوليس هوندي.- Advertisement -
