ڪراچي کي  15 ارب  نه پر 15 سئو ارب رپيه ملڻ گهرجن : مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کي  15 ارب  نه پر 15 سئو ارب رپيه ملڻ گهرجن، وزيراعظم شهباز شريف کي ڪراچي لاءِ پنهنجو خزانو کولڻ گهرجي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال پراڻا ميئر آهن، گڏجي ويهي مسئلو حل ڪن، ڪراچي شهر جي مسئلن تي ڊرامي بازي بند ٿيڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچيءَ جو اصل مسئلو پيئڻ جو پاڻي آهي، شهر لاءِ پاڻي 125 ڪلو ميٽر پري کان ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڻي جي مسئلي تي لاهور جا مثال ڪراچي ۾ نٿا ڏئي سگهجن، لاهور ۾ پاڻي آهي ڇوته اتي ٽيوب ويل آهن، ڪراچي جو زمين اندر پاڻي کارو آهي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪڏهن سوچيو ڪراچي ۾ پاڻي ڇو ناهي؟، سياسي پارٽيون اينديون ۽ هليون وينديون آهن، معاشري ۾ نااميدي وڌي وئي آهي. هن چيو ته هو ايم ڪيو ايم کي چئي ٿو جهيڙي سان معاملا حل ناهن ٿيندا، ڳالهيون ۽ پريس ڪانفرنس ڪرڻ سان خدمت ناهي ٿيندي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته هو سمورين سياسي پارٽين کي چئي ٿو، سندن دروازا کليل آهن، ڪراچي کي  15 ارب  نه پر 15 سئو ارب رپيه ملڻ گهرجن، وزيراعظم شهباز شريف کي ڪراچي لاءِ پنهنجو خزانو کولڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
33%
5.2m/s
16%
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون