تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ اپيل جو دائرو وڌائي عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي: چيف جسٽس

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ اپيل جو دائرو وڌائي عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي، حڪومت سمجهي ٿي ته قانون کي بهتر ڪيو يا ٻيهر ڏٺو وڃي ته عدالت مداخلت نه ڪندي، سپريم ڪورٽ پارليامينٽ تي اثر انداز نه ٿي ٿيڻ چاهي پر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين خلاف آهي، قانون سان عدليا جي آزاديءَ جا بنياد لـُــڏي ويا آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل تسليم ڪيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ خاميون آهن.

ان دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل  ايڪٽ بابت گذريل عدالتي حڪم ناما پڙهيا.

چيف جسٽس چيو ته اٽارٽي جنرل رِوِيو آف ججمنٽس ايڪٽ بابت پهرين جون تي اطلاع ڏنو، اٽارني جنرل جون ۾ چيو هو ته ان ايڪٽ کي قومي اسيمبلي ۾ ڏٺو ويندو پر اسيمبلي ايڪٽ جو ٻيهر جائزو نه ورتو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته معطل ٿيل قانون کي ايتري اهميت ڏني ويندي جو ان سبب سمورا ڪيس دير جو شڪار ٿين؟

هن چيو ته اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي ٻيهر جائزي لاءِ وقت ڇو گهريو ويو؟ ڇا سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪم بند ڪري؟

جسٽس اعجاز چيو ته پهرين ۽ 8 جون جو فيصلو ان لاءِ ٻڌايو ويو جو حڪومت پاڻ تسليم ڪيو ته خراب قانون سازي ڪئي وئي، عدالتي حڪم سان معطل ٿيل قانونسازي تحت ڪارروائي متاثر نه ٿي ڪري سگهجي.

چيف جسٽس پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث کي چيو ته گڊ ٽو سي يو،  اميد ته ائين چوڻ تي کيس نشانو نه بڻايو ويندو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ پروسيجر بل ۾ حڪومت اپيل جو دائرو وڌايو هو، حڪومت عدالتي دائري ۾ مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟”

هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته قانون کي بهتر ڪيو يا ٻيهر ڏٺو وڃي ته عدالت مداخلت نه ڪندي، سپريم ڪورٽ پارليامينٽ تي اثر انداز نه ٿي ٿيڻ چاهي پر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين خلاف آهي، ان ايڪٽ سان عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي.

 چيف جسٽس چيو ته نيب ترميم بابت ڪيس سپريم ڪورٽ جي هيءَ ئي بئنچ ٻڌني، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي صبح  تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
18 %
5.6kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون