- Advertisement -
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جا دهشتگرد ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن، هڪ شخص پنهنجي قول ۽ فعل ذريعي رياست تي حملو ڪيو، هڪ جمهوري سياسي پارٽي ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ فرق هوندو آهي، پي ٽي آءِ باني جي ايڇ ڪيو مٿان حملن جو اعتراف ڪيو، ملڪ سان هڪ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف باني اعتراف ڪيو ته 9 مئي جو سڏ ڏنو هو، پي ٽي آءِ باني جي ڏوهه جي اعتراف تي حيراني ناهي، معاملو سياست نه رياست جو آهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ شخص پنهنجي قول ۽ فعل ذريعي رياست تي حملو ڪيو، 2014ع ۾ ڌرڻو ان لاءِ هنيو ويو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، ڌرڻي دوران پي ٽي وي تي حملو ڪيو ويو.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ملازمن تي تشدد ڪيو ويو، هڪ جمهوري سياسي پارٽي ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ فرق هوندو آهي، ڇا قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ پرامن احتجاج آهي؟.
هن چيو ته پرڏيهه ۾ ويٺل تحريڪ انصاف جا ورڪر ڊجيٽل دهشتگردي ۾ رڌل آهن، 9 مئي جا ثبوت ماڻهن ٽي وي تي ڏٺا، هي ڏوهه جي اعتراف جو نه سزا ڏيڻ جو وقت آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي ڊجيٽل دهشتگرد پرڏيهي طاقتن سان گڏ رياست تي حملا ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومتي دور ۾ بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، جنهن شخص جي هر ڳالهه ڪوڙ تي ٻڌل هجي اهو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڇو ڏيندو؟- Advertisement -
