- Advertisement -
پشاور هاءِ ڪورٽ پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان زرتاج گل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت زرتاج گل جي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ورتو.
چيف جسٽس محمد ابراهيم خان رمارڪس ڏيندي چيو ته عورت کي گرفتار ڪرڻ سندن روايت ناهي، هڪ عورت لاءِ ايتري پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.
چيف جسٽس چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل جيڪڏهن توهان مسئلو حل نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان ٻنهي کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.- Advertisement -
