- Advertisement -
ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ڪرمان ۾ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي.
هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي به هڪ بيان ۾ ڪرمان ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته ان بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو هو عزم ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته يقين ان بزدلاڻي عمل جي ذميوارن جي سڃاڻپ ٿيندي ۽ انهن کي سخت سزا ڏني ويندي، سندن دشمنن کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهڙيون ڪارروايون ايراني قوم جي پختي عزم کي ڪڏهن به متاثر نه ٿيون ڪري سگهن.
ايراني ميڊيا موجب صدر ابراهيم رئيسي به ترڪي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
