پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي، جيڪڏهن بيٽ جو نشان آهي ته تحريڪ انصاف کي ملڻ گهرجي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي، جيڪڏهن بيٽ جو نشان آهي ته تحريڪ انصاف کي ملڻ گهرجي، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو هنيو آهي، ڇا پي ٽي آءِ کي حڪومتي پارٽي هئڻ وقت اليڪشن ڪميشن رليف فراهم ڪيو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي، ڊسٽرڪٽ جج عدليه جي ماتحت هوندا آهن، اليڪشن ڪميشن الڳ ادارو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته اڃا تائين تفصيلي فيصلو جاري ناهي ٿيو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته تفصيلي فيصلو ناهي آيو، ان ۾ هفتي جو وقت لڳي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ پڙهي ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته تيرهن جنوري تي سياسي پارٽين کي چونڊ نشان جاري ٿيڻا آهن. چيف جسٽس چيو ته هو ڇنڇر ۽ آچر تي به ٻڌڻي ڪندا، قانون موجب چونڊون ڪرائڻ لاءِ هو ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي ته اڪيڊمڪ ڪارروائي ٿيندي ۽ پشاور هائيڪورٽ جو  فيصلو معطل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن قانون موجب نه ٿي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي اپيل ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض اٿاريو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن درخواست داخل ڪرائي آهي، پر ڏسڻو پوندو ته اها ائين ڪري ٿي يا نه؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪلڪٽرز جي اپيل به هائيڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين ايندي آهي، سوال اِهو به اٿندو ته پي ٽي آءِ هائيڪورٽ ڪيئن وئي؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته فيصلو سندن خلاف هو ان ڪري هائيڪورٽ سان رابطو ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا اليڪشن ڪميشن پنهنجي خلاف فيصلو اچڻ تي سرينڊر ڪري ڇڏي، سياسي پارٽين کي ريگوليٽ ڪرڻ ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ڪنهن آئيني دائري جو ڪم هو  نه ڪندا. چيف جسٽس چيو ته ڇا آئيني ادارن تي فيصلا لاڳو ٿي سگهن ٿا؟ قانون ۽ آئين تحت قائم ڪيل ادارا هڪجهڙا نه ٿا ٿي سهگن، ڪو اهڙو فيصلو ڏيکاريو جتي آئيني ادارن کي اپيلن کان روڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن آئين نه پر اليڪشن ايڪٽ تي ڀاڙي رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ڳالهه تسليم ڪريون ته آئيني اداري کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه ٿيندي. ان دوران اڪبر ايس بابر روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته سندن ڪنهن به درخواست جو جواب نه ڏنو ويو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اڪبر ايس بابر کي پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سندس خيال ۾ باني ميمبر ته ڪڏهن به ختم نٿو ٿي سگهي. وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته وڪيل مخدوم علي خان روسٽرم تي  آيو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ۾ 64 صفحن تي ٻڌل فيصلو ڏنو. چيف جسٽس چيو ته ڪيس لاهور هائيڪورٽ ۾ التوا هيٺ هو ته پشاور هائيڪورٽ ڪيئن ٻــُـڌو؟ بئريسٽر گوهر جواب ڏنو ته پارٽي چونڊن جي حد تائين لاهور هائيڪورٽ وارو ڪيس بي اثر ٿي چڪو آهي،  انٽرا پارٽي اليڪشن پشاور ۾ ٿي ان  ڪري پٽيشن به اتي ئي ڪئي وئي. چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان نه ٿي ڏيڻ چاهي، پر جيڪڏهن اوهان جو نشان ٺهي ٿو ته اوهان کي ئي ملڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان انٽرا پارٽي چونڊن جو اصل رڪارڊ طلب ڪندي اٽارني جنرل طلب ڪري ورتو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
47%
2.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون