تازه ترين

پشاور ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
پشاور ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا جڏهن ته دهشتگردن سان ويڙهه ۾ ڪئپٽن ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پشاور جي علائقي حسن خيل واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪ کي هاڪاري انداز ۾ ڳوليو، دهشتگردن سان ويڙهه ۾ ڪئپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدر شفيق الله شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، ڪيپٽن حسين جهانگير آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو، سندس تعلق رحيم يار خان سان آهي، جڏهن ته 36 ورهين جي حوالدار شفيق الله جو تعلق ڪرڪ سان آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. شهيد ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله جي پشاور گيريزن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، پاڪ فوج جي آفيسرن، سول اختيارين، عوام ۽ جوانن شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد ٻنهي شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عزم کي مضبوط بڻائن ٿيون……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون