- Advertisement -
پنجاب اسيمبلي جو افتتاحي اجلاس ٿي رهيو آهي، ميمبرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي.
اجلاس دوران عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل مريم نواز سميت ٻيا ميمبر قسم کڻي رهيا آهن.
ميمبر جي قسم کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ٿيندي.
پنجاب اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ مسلم ليگ (ن) پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيندو، اسيمبلي چيمبر ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
گڏجاڻي دوران اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا تي فيصلو ڪيو ويندو.
ان موقعي تي پنجاب نامزد وزيراعليٰ مريم نواز جو پهريون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور استقبال ڪيو ويندو.- Advertisement -
