- Advertisement -
غوثپور ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي بدامني ۽ ڦر واقعي خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته جي يو آءِ جي سڏ تي سيد سهيل شاهه، سائين بخش، سعد الله اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٽن واپارين کان لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا هئا.
هنن چيو ته ڪشمور ضلعي کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي جڏهن ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي واپارين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
