پنجاب جا ميداني علائقا اڄ به ڪوهيڙي ۽ سموگ جي لپيٽ ۾ آهن

- Advertisement -
پنجاب جا ميداني علائقا اڄ به ڪوهيڙي ۽ سموگ جي لپيٽ ۾ آهن، موٽر وي پوليس طرفان مختلف موٽر وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا. موٽر وي پوليس طرفان جاري پڌرائي موجب، ڪوهيڙي ۽ سموگ سبب نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر وي ايم 2 کي لاهور کان ڪوٽ مومن تائين، موٽر وي ايم فور کي لاهور کان درخانه تائين ۽ ايم 11 سيالڪوٽ موٽر وي کي سمبڙيال تائين بند ڪيو ويو آهي. ترجمان موٽر وي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي. ترجمان موجب، ڪوهيڙي جي موسم ۾ شهري ڏينهن جو سفر کي ترجيح ڏين، صبح ڏهين وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين ڪوهيڙي جي موسم ۾ سفر لاءِ بهترين وقت آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊرائيور پنهنجي گاڏين جي اڳيان ۽ پويان فوگ لائٽس جو استعمال ڪن ۽ عوام غير ضروري سفر کان پاسو ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون