- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پنجاب جيان ٻيون صوبائي حڪومتون به عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏئي سگهن ٿيون، پنجاب حڪومت بهتر قدم کنيو آهي، هو سمجهن پيا ته ان عمل جي واکاڻ ڪئي ويندي، پ پ ۽ جماعت اسلامي عوام کي رليف ڏيڻ بدران پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪري رهيون آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي بلن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته موجوده حڪومت جڏهن کان اقتدار ۾ آئي ان جو اهو ئي مقصد هو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي،عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
عطا تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت سموري ملڪ ۾ 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏنو، 50 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي وئي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجن فنڊن مان 45 ارب رپيا ڪٽوتي ڪري 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي سبسڊي فراهم ڪئي.
هن چيو ته پنجاب حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي، اهو ٻين صوبن کي به کڻڻ گهرجي، ٻيون صوبائي حڪومتون به پنهنجي طور پنهنجي ترقياتي بجيٽ مان رقم ڪڍي عوام کي رليف ڏئي سگهن ٿيون، پر پ پ ۽ جماعت اسلامي عوام کي رليف ڏيڻ بدران پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪري رهيون آهن.
عطا تارڙ چيو ته پنجاب حڪومت بهتر قدم کيو آهي، هو سمجهن پيا ته پنجاب حڪومت جي واکاڻ ڪئي ويندي، پر ان تي تنقيد شروع ٿي وئي آهي.
وفاقي وزير چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ موجوده حڪومت پهرين ترجيح آهي.- Advertisement -
