- Advertisement -
پنجاب حڪومت 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ 14 رپيا في يونٽ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ن ليگ جي صدر نوازشريف جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ بجلي جي بلن سبب عوام جي ڏکيائين جو اندازو آهي، حالتون خراب پي ٽي آءِ دور کان ٿيون، آءِ ايم ايف کي واپس آڻيندڙ هو نه پر اڊيالا جيل ۾ ويٺل ماڻهو آهن.
لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ صدر نوازشريف 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ 14 رپيا في يونٽ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
نوازشريف جو چوڻ هو ته 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي 14 رپيا في يونٽ رليف ملندو، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 45 ارب رپيا رکيا آهن، ترقياتي پيڪيج مان ڪٽوتي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويندو.
هن چيو ته مريم نواز بجلي جي بلن لاءِ سولر پينل اسڪيم آڻي رهي آهي، سندن حڪومت آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نوازشريف چيو ته مهانگائي ۽ بجلي جي بلن سبب عوام ڏکيائين ۾ آهي، هو عوام جي تڪليف محسوس ڪري رهيو آهي.
ن ليگ جي صدر چيو ته هو اڄ به چوي ٿو ته کيس ڇو ڪڍيو ويو، پر هنن جي اها ڳالهه مذاق لڳي ٿي، کيس ڪڍندڙن ججن کان ڪنهن پڇاڻو ڪيو؟
نوازشريف چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان معاشي طاقت بڻجي رهيو هو، کيس ڪڍي ملڪ سان وڏو ظلم ڪيو ويو.
ن ليگ جي صدر چيو ته آءِ ايم ايف جي ٻيهر آڻيندڙ هو نه پر آڊيالا جيل ۾ ويٺل ماڻهو آهن، حالتون پي ٽي آءِ دور کان خراب ٿيون.
نوازشريف چيو ته هو اقتدار جو خواهشمند ناهي، هن ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، پنهنجن وسيلن سان موٽرويز ٺاهيا.
سندس چوڻ هو ته 2017ع ۾ شروع ڪيل ترقيءَ جو سفر جاري رهي ها ته پاڪستان ايشن ٽائيگر بڻجي وڃي ها.
نوازشريف چيو ته عوام لاءِ سٺو رليف پيڪيج تيار ڪيو آهي، موجوده صورتحال ٺيڪ ڪرڻ سندن فرض آهي.- Advertisement -
