- Advertisement -
پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال بردار ٽرين جون ٻه بوگيون حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پٽڙي تان لهي ويون.
رات دير سان مال بردار ٽين جون بوگيون حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 6 تي لٿيون.
ريلوي اختيارين موجب، مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ گاڏين کي پليٽ فارم نمبر 7 تان گذاريو ويندو.
آخري اطلاعن تائين بوگين کي ٽريڪ تان هٽائڻ ۽ ان جو مرمتي ڪم جاري هو.- Advertisement -
