تازه ترين

پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ پي ٽي  آءِ تي پابنديءَ جا ٺهراءَ پيش

- Advertisement -
پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ پي ٽي  آءِ تي پابنديءَ جا ٺهراءَ پيش ڪيا ويا آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ايم پي ايَ راڻا محمد فياض پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جو ٺهراءُ  جمع ڪرايو يو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جو حملو به قومي سلامتي جي ادارن تي هو، اسلام آباد هائيڪورٽ به ان پارٽيءَ احتجاج جي اجازت نه ڏني. جمع ڪرايل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ڏڦيڙي ٽولي اعليٰ عدليا جي فيصلن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ثابت ڪيو ته اها پارٽي ڪنهن به اداري جي عزت نٿي ڪري، ايوان مطالبو ٿو ڪري ته 24 نومبر جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن بلوچستان اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ تي فوري پابندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. صوبائي وزير سليم احمد کوسا طرفان جمع ڪرايل ٺهراءِ ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ کي يقيني بڻائي، پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي. مخالف ڌر ٺهراءِ جي مخالفت ڪئي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ هو ته هو ٺهراءُ منظور ٿيڻ نه ڏيندا، اڄ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ته سڀاڻي ن ليگ ۽ پ پ تي به لڳي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون