- Advertisement -
پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب، ايم ٿري سمندري کان درخانه تائين، ايم فور گوجره کان ملتان ۽ موٽر وي 5 ملتان کان روهڙي تائين بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آحي ته ڊرائيور حضرات پنهنجي گاڏين ۾ آڏو ۽ پويان ڪوهيڙي واري فوگ لائٽن جو استعمال يقيني بڻائڻ ته جيئن گاڏين کي بهتر نموني ڏسي سگھجي.
موٽر وي پوليس عوام کي درخواست ڪئي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ايندڙ گاڏين کان فاصلو رکيو وڃي.- Advertisement -
