تازه ترين

پندرهن ڏينهن ۾ بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، رليف نه مليو ته هو ٽيڪ اوور ڪري سگهي ٿو :علي امين گنڊا پور

- Advertisement -
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور طرفان لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وفاق کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته پندرهن ڏينهن ۾ بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، رليف نه مليو ته هو ٽيڪ اوور ڪري سگهي ٿو. ڪي پي اسيمبلي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ساڻن ظلم ٿيو ۽ الزام به مٿن لڳايا پيا وڃن، ڏاڍ، ظلم ۽ پارٽي نشان کسجڻ باوجود عوام کين اڪثريت ڏياري. هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ تي ظلم ٿيو، تڏهن ڪنهن کي جمهوريت ياد ڇو نه آئي؟  سڄي ملڪ کي خبر آهي  ته سندن پارٽي مظلوم آهي، وفاق طرفان 300 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا، اڄ به وفاق کين پنهنجو حق نه پيو ڏي. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته وفاق جو اهو ورتاءُ برداشت جوڳو ناهي، هو خاموش نه رهندا، هو پنهنجي صوبي جو حق گهري رهيو آهي. علي امين گنڊاپور چي ته پندرهن ڏينهن ۾ بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، واپڊا جي آفيس سندس صوبي ۾ آهي ان کي ٽيڪ اوور به ڪري سگهي ٿو، عوام جو حق گهرڻ غير ذميواري آهي ته هو غير ذميوار ئي ٺيڪ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
17 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
36 %
2.9kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون