تازه ترين

پنو عاقل: وياجين کان تنگ اچي پوليس اهلڪار مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پني عاقل ۾ پوليس اهلڪار مبينا طور وياجين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. غريب آباد واري علائقي ۾ پوليس اھلڪار احسان چنو گھر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس اهلڪار احسان چنو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اھلڪار احسان چنو نوابشاھه ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ھو جيڪو جمعي ڏينهن موڪل تي پنھنجي گھر آيو هو. پوليس اهلڪار جي ڀاءُ ٻڌايو ته وياجين پاران مسلسل پريشان ڪرڻ تي سندس ڀاءُ آپگهات ڪيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته وياجين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
50 %
2.1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون