تازه ترين

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 29 رنسن تان  شڪست

- Advertisement -
پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 29 رنسن تان  شڪست ڏئي ڇڏي. برسبين ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب متاثر ٿي، جنهن ڪري ميچ 7-7 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آسٽريلين ٽيم مقرر اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنسون ٺاهيون. ڪينگروز طرفان گلن ميڪسوِل 19 بالن تي 43 رنسن جي دونهيدار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ مارڪس اسٽوئنس 21، ٽم ڊيوڊ 10 ۽ جيڪ 9 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان عباس آفريديءَ 2، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. آسٽريليا طرفان مليل 94 رنسن جي حدف جي جواب ۾ قومي ٽيم مقرر ستن اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسون ٺاهي سگهي، سڀ کان وڌيڪ عباس آفريدي 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، حسيب الله خان 12 ۽ شاهين آفريندي 11 رنسون ٺاهيون. ڪينگروز طرفان بارٽليٽ  ۽ نٿن اِليس 3-3، ايڊم زمپا 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. گلن ميڪسويل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون