پهلگام دهشتگرداڻي حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ڪي به ثبوت نه آهن: ڀارتي اڳوڻو گهرو وزير پي چدمبرم

- Advertisement -
ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم انڪشاف ڪيو آهي ته پهلگام دهشتگرداڻي حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ڪي به ثبوت نه آهن، حملو ڪندڙ اصل ۾ ڀارتي آهن ۽ هنن ڀارت ۾ ئي دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي. ڪانگريس اڳواڻ چدمبرم مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته آخر ڀارتي حڪومت اهو ڇو سمجهي ٿي ته دهشتگرد پاڪستان مان آيا، ڇا حڪومت انهن جي پاڪستاني هئڻ جي سڃاڻپ ڪئي؟. سندس چوڻ هو ته پهلگام دهشتگرداڻي حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ڪي به ثبوت نه آهن. ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدمبرم چيو ته حملو ڪندڙ اصل ۾ ڀارتي آهن ۽ هنن ڀارت ۾ ئي دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي. ياد رهي ته والاريل ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام تي فائرنگ جي واقعي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا. وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي شفاف ۽ اڻڌري جاچ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي آڇ به ڪئي هئي پر ان باوجود هن وقت تائين پهلگام واقعي بابت پاڪستان خلاف الزام کان اڳتي نه وڌي سگهي ۽ نه ئي معاملي جي جاچ مڪمل ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
10%
2.6m/s
0%
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون