تازه ترين

پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ قومي هيرو ارشد نديم جو لاهور ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو

- Advertisement -
پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ قومي هيرو ارشد نديم جو لاهور ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، سندس چوڻ آهي ته عزت ڏيڻ تي قوم جو ٿورائتو آهي، هن ڪاميابيءَ جي پويان هڪ ڊگهو سفر آهي، ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. اولمپڪ چيمپيئن ارشد نديم جي اڏام ٽي ڪي 714، علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور رات هڪ لڳي 25 منٽن تي لينڊ ڪئي. ايئرپورٽ تي ارشد نديم جو استقبال وفاقي وزير احسن اقبال، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، عظمى ۽ شزا فاطمه سميت ٻين سياسي اڳواڻن ڪيو جڏهن ته سندس مٽن مائٽن، دوستن ۽ مداحن جي وڏو انگ به ايئرپورٽ تي موجود هو. لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته عزت ڏيڻ تي هو قوم جو شڪر گذار آهي، پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي الله جو شڪر ادا ڪري ٿو جنهن کي سرخرو ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي جي پويان هڪ ڊگهو سفر آهي، هن ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم موجب، ڪوچز به اولمپڪس لاءِ گھڻي محنت ڪرائي، ڊائمنڊ ليگ ۾ تمام سٺو پرفارم ڪيو. واضح رهي ته ارشد نديم 40 سالن کانپوءِ جيولن ٿرو ڪري ايونٽ جي فائنل ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو آهي، ارشد نديم پهريون پاڪستاني ايٿليٽ آهي جنهن اولمپڪس جي انفرادي ايونٽس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
31 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون