تازه ترين

پير ڳوٺ ويجهو بدامني وڌي وئي، ڦر جي ڪوشش دوران گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو بدامني وڌي وئي، ڦر جي ڪوشش دوران گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گل شاهه پڪٽ ڀرسان هٿياربندن گاڏيءَ کي روڪڻ لاءِ اشارو ڏنو، گاڏي نه بيهارڻ تي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ شاهپور واسي 3 نوجوان زخمي ٿي پيا. علائقي واسين پهچي زخمي ٽنهي نوجوانن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري ۽ ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهن. هنن ايس ايس پي خيرپور کان گُهر ڪئي ته علائقي ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون