- Advertisement -
ڄامشوري جي ڳوٺ ۾ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ ايمرجنسي ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.
ديهه مول جي ڳوٺ فيض محمد ۾ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي.
عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مختلف اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
فوتين ۾ 13ورهين جي سڪينزه، 5 ورهين جي نازيا، 6 ورهين جي ڪريمه، 9 ورهين جو مجيد، 21 ورهين جو مهر علي، 55ورهين جي سڪينا، ٻن ورهين جي بسمه، 21 ورهين جو عبدالڪريم ۽ پرينها شامل آهن.
صحت کاتي ڄامشوري جون ٽيمون متاثر ڳوٺ ۾ پهچي ويون جتي ميڊيڪل ايمرجنسي ڪيمپ قائم ڪري علاج ۽ ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.- Advertisement -
