پيپلزپارٽيءَ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام بهائينڊ دي نيوز ۾ اينڪر شڪيل سومري سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جو احساس آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو پارليامينٽ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته صدر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ضرور ڪئي هوندي پر قطعي فيصلو نه ڪيو آهي، قطعي فيصلو پارليامينٽ ڪندي آهي. نثار احمد کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ تي موقف ڏيڻ وڏي وزير ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير جي ذميواري آهي. پ پ سنڌ جي صدر چيوته  ڪالاباغ ڊيم رٿا سخت جدوجهد ڪئي ۽ جنهن ڪري اها رٿا رد ٿي، ارسا ايڪٽ به منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
- Advertisement -
Previous article
Next article

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
39%
3.6m/s
0%
آچر
20 °
سُومر
28 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون