تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ اليڪشن ڪميشن کي چونڊ ضابطن ۾ ترميمن تي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ اليڪشن ڪميشن کي چونڊ ضابطن ۾ ترميمن تي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي سيڪريٽري جنرل اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو. خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميمن جو جائزو ورتو، ان بابت هو پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪرڻ چاهن ٿا. نيئر بخاري چيو ته عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف انداز ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن  جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن،  پر تجويز ڪيل فارم 68 ۾ ترميم تي خدشا ۽ اعتراض آهن. خط ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته ان شق تحت چونڊ اميدوار کي مهم فنانس رولز تحت پنهنجي پارٽيءَ جي مڪمل خرچن جا تفصيل فراهم ڪرڻا پوندا. نيئر بخاري چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي رول 161 جي سب رول 3 تحت سياسي پارٽين کي چونڊ نتيجا گزٽ نوٽيفڪيشن 60 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻا آهن، جڏهن ته فارم 68 تحت مهم فنانس سب سيڪشن 211 ٻه موجب ڪامياب اميدوار کي پولنگ جي ڏهن ڏينهن اندر پارٽي خرچن جا تفصيل ڏيڻا پوندا. پ پ اڳواڻ چيو ته پارٽي اميدوارن لاءِ شرط ۽ ٻين اميدوارن جي شرطن ۾ ٽڪراءُ  آهي ۽ ائين ڪرڻ ممڪن ناهي، اوهان کي درخواست آهي ته ان شق جي ڪالم کي ختم ڪيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
24 %
1.3kmh
69 %
آچر
26 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون