- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ تي ڪوڙا الزام هڻندڙ ٻڌي ڇڏن ته هو بليڪ ميل نه ٿيندا، ڌانڌليءَ کانسواءِ کٽي نه سگهندڙ پارٽيون اڄ ڌانڌليءَ خلاف احتجاج پيون ڪن، پي ٽي آءِ شهبازشريف جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر پورا ناهن، پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان آءِ ايم ايف کي لکيل خط جي ڪا به حيثيت ناهي، اليڪشن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، تشدد واري سياست جي اجازت نه ڏني ويندي، سياسي ڪارڪنن جي قاتلن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.
ڪراچي ۾ اليڪشن دوران مارجي ويل ڪارڪن عبدالرحمان جي پونيئرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مذهبي توڙي لساني دهشتگردي برادشت نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته اليڪشن دوران تشدد ۽ فائرنگ جي واقعن جي هو مذمت ڪن ٿا، دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، سندن ڪارڪن عبدالرحمان کي قتل ڪيو ويو، تشدد واري سياست جي اجازت نه ڏني ويندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن دوران تشدد ۽ فائرنگ وارن واقعن جي جاچ ڪرائي ويندي، سياسي ڪارڪنن جي قاتلن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون پ پ تي ڪوڙا الزام مڙهي رهيون آهن، پر واضح ڪري ٿو ته هو بليڪ ميل نه ٿيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌانڌليءَ جي پيداوار اڄ ڌانڌليءَ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، 2002ع، کان 2024ع تائين هنن ڪا اليڪشن ناهي کٽي.
پ پ چيئرمين چيو ته احتجاج ڪندڙن ٻڌائن ته ڪهڙي تڪ تي ڌانڌلي ٿي آهي؟ لاڙڪاڻي، خيرپور، سکر، لياري يا ڪنهن ٻئي تڪ تي ڌانڌلي ٿي ته ثبوت پيش ڪيا وڃن، پ پ جا اميدوار ته وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه تڪ جي نتيجن تي خدشا آهن، فارم 45 تحت پي ايس 125 ۽ 124 تي پ پ اميدوار کٽيا، ان لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ شهبازشريف جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، شايد پي ٽي آءِ جي بانيءَ پاڻ مقابلو ڪرڻ کان پاسو ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر پورا ناهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان آءِ ايم ايف کي لکيل خط جي ڪا به حيثيت ناهي، هو سدائين پاڪستان جو نعرو هڻندا آهن پر هي ملڪ کي بحران طرف ڌڪن ٿا.
پ پ چيئرمين چيو ته شهبازشريف وزيراعظم بڻجي رهيو آهي، ڪجهه عنصرن چاهن ٿا ته ملڪ جا مسئلا حل نه ٿين.- Advertisement -
