تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلزپارٽيءَ جو سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ جو سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، مراد علي شاهه کي 112 ۽ ايم ڪيو ايم کي علي خورشيديءَ 36 ووٽ کنيا،  سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پ پ جي منشور تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار سمجهندڙ کي پنهنجي دماغ جو  علاج ڪرائڻ گهرجي، هو پنهنجي هڪ هڪ ميمبر جي فارم 45 جي ذميواري کڻي ٿو، نتيجن تي خدشا آهن پر قانون جنگ وڙهي ويندي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قائد ايوان جي چونڊ ٿي. چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر اعلان ڪيو ته پ پ جو اميدوار 112 ووٽ کڻي سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي علي خورشيديءَ 36 ووٽ حاصل ڪيا، مراد علي شاهه سنڌ جو 25هون وڏو وزير چونڊجو آهي. وڏو وزير چونڊجڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي سيد مراد  علي شاهه چيو ته ٻيهر ڀروسو ڪرڻ تي هو قيادت جو ٿورائتو آهي، قيادت ۽ اڳواڻن جيل ڀوڳيا، اڳواڻن جيل مان اليڪشن وڙهي، پر وڌيڪ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، هال جي ٻنهي پاسن جو ٿورائتو آهي، ڪوشش هوندي ته بنا فرق ڪم ڪري. هن چيوته  وڏا بحران ڏٺا، 2022ع ۾ برساتي ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، پر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏنا ۽ کين مالڪاڻا حق ڏنا. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ منشور جي سمورن نقطن تي عمل ٿي چڪو آهي، 300 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ۽ بي ايس پي جي دائري ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. نئين چونڊيل وڏي وزير چيو ته  هارين ۽ پورهيتن کي ڪارڊ، هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ لائبريري قائم ڪرڻ ۽ يوسي سطح تي بک ختم ڪريو پروگرام شروع ڪرڻ ڪيا ويندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته صاف پاڻي جي پهچ تي خاص ڪم ڪيو ويندو، ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته تنقيد جو ڪو به خوف ناهي، هر ماڻهو غلطي ڪندو آهي، مخالف ڌر کي غلطين جي هاڪاري نموني نشاندهي ڪرڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته عام چونڊن جي نتيجن تي خدشا آهن، سيٽن جي واپسي لاءِ قانوني جنگ ڪئي ويندي، پ پ پنهنجي چئن سيٽن لاءِ ملڪي سلامتي خطري ۾ نه وجهندي، هو پنهنجي هڪ هڪ ميمبر جي فارم 45 جي ذميواري کڻي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار سمجهندڙ کي دماغ جو علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي، هو چاهي ٿو ته سڀني کي کڻي صوبي جي خدمت ڪن. نئين چونڊيل وڏي وزير چيو ته شيون تبديل ڪرڻ لاءِ ليڊر جي ضرورت هوندي آهي جيڪو بلاول ڀٽو زرداري آهي، بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ عام چونڊن ۾ عوامي ووٽن سان وزيراعظم ٿيندو، ٻين صوبن جي ماڻهن کي به پ پ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون