تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ طرفان غير قانوني پرڏيهين کي فوري طور نيڪالي ڏيڻ جو مطالب

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ طرفان غير قانوني پرڏيهين کي فوري طور نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ غير  قانوني پرڏيهين سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، ٻنهي خلاف ڀرپور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته  لکين غير قانوني پرڏيهي صوبي جا وسيلا استعمال ڪري رهيا  آهن، سنڌ صوبو دستاويزن کانسواءِ موجود پرڏيهين جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته غير قانوني کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ وارو عمل تيز ڪيو وڃي، وفاقي سرڪار ٽي ٽي پي بابت به پاليسي واضح ڪري. نثار کهڙي چيو ته وفاقي سرڪار سرحدن تي نگران جو عمل وڌيڪ سخت ڪري ته جئين ملڪ ۾ وڌيڪ غير قانوني پرڏيهين کي آمد روڪي وڃي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت آهي ته اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ سربراهه بابت فيصلو جاري ڪرڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهليءَ بعد اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏئي قوم کي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ جو سربراهه ڪير آهي؟ پ پ سنڌ جي صدر چيو ته چونڊ شيڊيول کان اڳ مڪاني نمائندن جي معطلي جو مطالبو ڪري جي ڊي اي عوام دشمني ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.1 ° C
32.1 °
32.1 °
13 %
1.9kmh
49 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون