- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوامي جي فيصلي ۽ عوام جي اختيار واري فارمولي تي يقين رکي ٿي، موقعو مليو ته هيٺين سطح تي تائين مسئلا حل ٿيندا.
نوابشاهه ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پ پ اڳواڻن ۽ پارٽي عهديدارن ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آصف علي زرداري ڪارڪنن ۽ عهديدارن جون عام چونڊن بابت تجويزون ٻڌيون.
اڳوڻي صدر چيو ته پ پ عام چونڊن لاءِ ملڪ ۾ اثرائتي چونڊ مهم ۽ بهترين منشور سان ميدان ۾ لهندي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي جي فيصلي ۽ عوام جي اختيار واري فارمولي تي يقين رکي ٿي، جڏهن به حڪمراني ملي هيٺين سطح تي مسئلا حل ٿيا.
آصف علي زرداري چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، هر دور ۾ عوامي راڄ لاءِ ڪم ڪيو، هنن سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو، هاڻي موقعو مليو ته ملڪ کي ترقي وٺرائيندا.
ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، غلام قادر چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا- Advertisement -
