پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني ترميم تي سئو سيڪڙو اتفاق ٿي چڪو آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني ترميم تي سئو سيڪڙو اتفاق ٿي چڪو آهي، هو چاهن ٿا ته جي يو آءِ سان طئه ٿيل مسودو مولانا پاڻ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري، پي ٽي آءِ وارن کي سندن ڊرافٽ  تي خدشا آهن ته مولانا فضل الرحمان جي ڊرافٽ کي ئي تسليم ڪن، اميد ته پي ٽي آءِ وارا ذات جي  سياست بدران هاڪاري سياست ڪندا. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين سازيءَ جو عمل تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني ترميم تي مڪمل اعتماد آهي، هو چاهن ٿا ته     مولانا سان طئه ٿيل مسودو پارليامينٽ ۾ پيش وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته سياست ۾ڪو به سئو سيڪڙو ڪامياب ناهي ٿيندو،  سياست هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ سوديبازيءَ جو  نالو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ وارن ڪو به آئيني مسودو پيش ناهي ڪيو نه ئي صلاح مشورا ڪيا آهن، اميد ته پي ٽي آءِ وارا ذات جي  سياست بدران هاڪاري سياست ڪندي. پ پ چيئرمين چيو ته سندس خواهش آهي ته مولانا فضل الرحمان پاڻ آئيني ترميم جو مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي پنهنجي مسودي تي راضي ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي سندن ڊرافٽ  تي خدشا آهن ته مولانا فضل الرحمان جي ڊرافٽ کي ئي تسليم ڪن، کانئن جيڪو ٿي پئي سگهيو اهو ڪيو، هاڻي پي ٽي آءِ تي آهي. پ پ چيئرمين چيوته معاملو آئيني عدالت کان شروع ٿيو، هاڻي آئيني بئنچ ٺهي رهي آهي، سياسي اتفاق لاءِ هنن ڏينهن رات ڪم ڪيو، هو آئيني ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن آئيني بئنچ تي اتفاق ڪيو آهي، صلاح مشورن جو سلسلو جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون