تازه ترين

پيپلز پارٽي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندي فيصل راٺوڙ کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پيپلز پارٽي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندي فيصل راٺوڙ کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي. بي اعتمادي رٿ تي 17 ميمبرن جي صحي موجود آهي، رٿ جمع ڪرائيندڙن ۾ جاويد ايوب، قاسم مجيد، رفيق نيئر، ملڪ ظفر ۽ علي شان سوني شامل آهن. پيپلزپارٽي فيصل راٺوڙ کي آزاد ڪشمير جو نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهي بهتري آڻيندي، سندن نمبر پورا آهن، پ پ حڪومت ٺاهيندي. هن چيو ته آزاد ڪشمير پيپلزپارٽي جي دل جي ويجهو آهي، پوري ڪوشش ڪندا ته ڪشميرين لاءِ آسانيون کڻي اچن. راجا پرويز اشرف چيو ته هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن، ڪنهن جي حمايت جي ضرورت نه آهي. چوڌري محمد ياسين جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ آزاد ڪشمير جو ساٿ تمام گهڻو پراڻو آهي، پ پ هميشه ڪشمير مسئلي کي هميشه پهرين ترجيح ڏني آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
3.5kmh
5 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون