- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه غريبن ۽ مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زراري کي ڪامياب ڪيو وڃي ته عوام لاءِ جنگ ڪندو، پيپلز پارٽيءَ کي انتقامي ڪاررواين تي يقين ناهي.
آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ سکر جي گلوب چوڪ کان ريلي ڪڍي، جتي ڪارڪنن مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ پارٽي گيتن تي رقص ڪيو.
ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هو گڏجي ڪم ڪندا ته دنيا جي ڪا به طاقت کين ترقي ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.
هن چيو ته اڄ سندس سالگرهه آهي، ان موقعي تي هڪ ئي خواهش آهي ته عوام 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي ڪامياب بڻائن، ٻيون پارٽيون اميرن کي وڌيڪ امير ۽ غريبن کي غريب ڪرڻ چاهين ٿيون.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بلاول وزيراعظم بڻجندو ته غريب عوام لاءِ جنگ ڪندو، ووٽ جي طاقت عوام جي آهي، ان کي صحيح استعمال ڪرڻو آهي، جيڪڏهن عوام ووٽ جو حق صحيح استعمال ڪندو ته پاڪستان مضبوط ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو به عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي هئي، سندس امڙ کي شهيد ڪيو ويو ۽ سندس مشن آصف زرداري شروع ڪيو.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت لکين عورتن جي مدد ڪري رهيا آهن، سندن پارٽي غريبن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري پئي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه غريبن ۽ مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زراري کي ڪامياب ڪيو وڃي ته عوام لاءِ جنگ ڪندو، پيپلز پارٽيءَ کي انتقامي ڪاررواين تي يقين ناهي- Advertisement -
