تازه ترين

پيڪا ايڪٽ ۾ ڪهڙي شق تڪراري آهي، ٻڌايو وڃي،  حڪومت بهتري لاءِ تيار آهي : عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ هاڻي قانون بڻجي ويو آهي، رولز ٺاهڻ لاءِ صلاح مشورا ٿي سگهن ٿا،  پيڪا ايڪٽ ۾ ڪهڙي شق تڪراري آهي، ٻڌايو وڃي،  حڪومت بهتري لاءِ تيار آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته  ملڪ ۾ سوشل ميڊيا ذريعي فيڪ پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون وڃن ٿيون. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پيڪا ايڪٽ جو بنيادي مقصد سوشل ميڊيا ذريعي پهچايل نقصان جو ازالو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو ويندو آهي، معيشيت جي حوالي سان غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. عطا تارڙ چيو ته سوشل ميڊيا تي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان نفسياتي مسئلا جنم وٺن ٿا، پارليامينٽ ضروري سمجهندي پيڪا آرڊيننس جي منظوري ڏني، پيڪا قانون سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ خطرن کي روڪڻ لاءِ آندو ويو. هن چيو ته سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ صحافي تنظيمن کي شامل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته  سوشل ميڊيا جي خطرن کي روڪڻ لاءِ هي سٺو قدم آهي، صحافي تنظيمن کي پيڪا ايڪٽ جي حمايت ڪرڻ گهرجي. عطا تارڙ چيو ته صلاح مشوري ۽ بهتري جي گنجائش هميشه رهندي آهي، هو سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ کڻي هلندا، پيڪا ايڪٽ ۾ ڪا تڪراري شق آهي ته سامهون آندي وڃي، حڪومت بهتري لاءِ تيار آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون