تازه ترين

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پهچايو ويو. اسد قيصر کي جوڊيشل مئجسٽريٽ قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ايس ايڇ او چيو ته اسد قيصر کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي جوڊيشل ڪيو وڃي جڏهن ته اسد قيصر عدالت کي اپيل ڪئي ته اينٽي ڪرپشن کاتي وارا ڪافي ڏينهن لڳائيندا جلدي ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي مددگار وڪيل چيو ته بئريسٽر گوهر علي کي پيش ٿيڻو آهي ٿورو وقت ڏنو وڃي جنهن تي ايس ايڇ او چيو ته جوڊيشل ڪرڻو آهي ته جيئن اينٽي ڪرپشن وارا پنهنجو پراسس ڪري وٺي وڃي سگهن. بئريسٽر گوهر علي ۽ شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيا. شعيب شاهين موقف اختيار ڪيو ته پوليس ڇاٿي چاهي؟، جنهن تي عدالت چيو ته پوليس چئي ٿي ته جوڊيشل ڪيو وڃي. عدالت اسد قيصر کي جوڊيشل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ عدالت اسد قيصر کي جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ حڪم ڏنو ته اسد قيصر بابت هڪ هفتي اندر اينٽي ڪرپشن ڪي پي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري جنهن بعد پوليس اسد قيصر کي وٺي اڊيالا جيل رواني ٿي وئي. جمعي ڏينهن پوليس اسلام آباد مان قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي گرفتار ڪيو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون