- Advertisement -
پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ کي راولپنڊي پوليس هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.
شاهه محمود قريشي 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي ۽ ان بابت گذريل ڏينهن ڊي سي راولپنڊي شاهه محمود قريشي جي نظربنديءَ جو حڪم به جاري ڪيو هو.
اڄ شاهه محمود قريشي کي آر اي بازار ۽ صدر ٿاڻن جي پوليس گرفتار ڪري ورتو، سندس پندرهن ڏينهن جي نظربنديءَ جا آرڊر به جاري ٿي چڪا آهن.
پوليس موجب ڊي سي راولپنڊي جي نظربندي جي آرڊرن ۾ شاهه محمود قريشي کان 9 مئي واقعن جي جاچ جو چيو ويو آهي.
شاهه محمود قريشي موجب کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هو بيڏوهي آهي، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي- Advertisement -
