پي ٽي آءِ بانيءَ سياست چمڪائڻ ۽ رليف وٺڻ لاءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ سياست چمڪائڻ ۽ رليف وٺڻ لاءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا، جيڪڏهن هن اهو بيان ڏنو آهي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته ڇا اهو بيان پي ٽي آءِ باني جو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ان ناهي ڏنو ته ڇا سندس اڪائونٽ علي امين يا شير افضل هلائي رهيا آهن؟ عوام سازش ۽ گارگند واري سياست توڙي قيدي نمبر 804 سان گڏ ناهي بيٺو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين اي 171 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي هو مخدوم طاهر کي واڌايو پيش ڪري ٿو، سندن اميدوار هر پولنگ جو فارم 45 ڏيکاري سگهي ٿو، ثابت ٿي ويو ته عوم سازشي سياست سان گڏ ناهي. هن چيو ته ملڪ جو عوام گارگند جي سياست ۽ قيدي نمبر 804 سان گڏ  بيٺل ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رات سڄي ملڪ هڪ شخص جو بيان پڙهيو، پي ٽي آءِ بانيءَ سياست چمڪائڻ ۽ رليف وٺڻ لاءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا، توهين عدالت ڪئي ۽ آرمي چيف تي الزام مڙهيا، جيڪڏهن هن اهو بيان ڏنو آهي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته ڇا اهو بيان پي ٽي آءِ باني جو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ان ناهي ڏنو ته ڇا سندس اڪائونٽ علي امين يا شير افضل هلائي رهيا آهن؟ پ پ چيئرمين چيو ته اهو سلسلو بي  اعتمادي واري رٿ کان شروع ٿيو آهي، آرمي چيف جي مقرري تڪراري بڻائي وئي، موجوده آرمي چيف، جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته هن پي ٽي آءِ بانيءَ جي ڪرپشن پڪڙي هئي، ڪرپشن تي ايڪشن بدران انٽيليجنس چيف کي تبديل ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فارم 45 ۽ 47 جي پروپيگنڊا تي وڏي ڪهاڻي سامهون اچڻ واري آهي، سازش تحت اليڪشن کي به متاثر ڪرڻو هو. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته جڏهن به سياسي استحڪام طرف ملڪ وڌندو آهي ته پي ٽي آءِ باني کان اهڙا بيان ڏياريا ويندا آهن جنهن سان پارٽي ۽ ملڪ جي مسئلن ۾ اضافو ٿئي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون