- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو وري مخالف ڌر کي ميثاقِ معيشت ۽ گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي جيل ۾ ڏکيائيون آهن ته اچي ويهي معاملا طئه ڪري، اچو ته گڏجي ويهي ملڪي ترقي جي ڳالهيون ڪريون، ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پنهنجي پهرين تقرير ۾ ميثاقِ معيشت جي ڳالهه ڪئي، پر سندس ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو، هاڻي به مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏي ٿو.
هن چيو ته هو جيل ۾ هو ته امڙ فوت ٿي، جيل سپريڊنٽ کان موڪل گهري ته هن انڪا ڪيو، هو ذاتي تڪليفن جي شڪايت نه ٿو ڪري، کيس چيلهه ۾ تڪليف هئي پر خطرناڪ قيدين واري گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو.
شهبازشريف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي ڪيل ۾ تڪيلفون آهن ته اچي ڳالهائي معاملا طئه ڪري.
وزيراعظم چيو ته انڊر ٽرائل قيدي ۽ سزا ٻڌايل قيديءَ جي حقن ۾ فرق هوندو آهي، خواجه آصف، راڻا ثناءُ الله ۽ هو انڊر ٽائل هئا، پر کين زمين تي سمهاريو ويو، دائون بند ڪيون ويو، هو نٿا چاهن ته جيڪا زيادتي ساڻن ٿي ائين ٻين سان ٿئي.
شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي دعوت ڏيندي ته اچو ته گڏجي ويهي ملڪي ترقي جي ڳالهيون ڪريون، ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي.
وزيراعظم چيو ته علي محمد خان جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو سندس امڙ جي لاڏاڻي جو به حوالو ڏي ها.
شهبازشريف چيو ته هڪ زمانو هو هن ئي ايوان ۾ تنقيد باوجود سياستدان هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا، 76 ورهين کانپوءِ به هو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان لنوائن ٿا….- Advertisement -
