تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني لاءِ جيل هوٽل آهي سڀ کان وڌيڪ سهولتون وٺندڙ قيدي آهي: طلال چوڌري

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پي تي آءِ باني جيل ائين ڪاٽي رهيو آهي جيئن هـُـن هوٽل بڪ ڪرايو هجي، هو تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ سهولتون وٺندڙ قيدي آهي، ان باوجود سهولتون نه ملڻ وارو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيوته پي ٽي آءِ بانيءَ مخالفن کي اونداهي ڪوٺين ۾ رکيو، پر هن وٽ جيل ۾ ست ڪمرا آهن، 24 ڪلاڪ کيس ملازمن جي سهولت آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ ڪوڙو موقف تيار ڪرڻ ۾ ماهر آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڪوڙو موقف ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هو 190 ملين پائونڊ ڪيس مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته عالمي رسالي ۾ آرٽيڪل جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، اڻ تصديق ٿيل آرٽيڪل ڇپرائڻ سوچيل سمجهيل منصوبو آهي، عالمي ميڊيا کي تصديق ڪرڻ گهرجي، عدليا تي رليف ڏيڻ لاءِ رليف وڌي رهيو آهي. طلال چوڌري چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ميڊيا کي گمراهه ڪرڻ پي ٽي آءِ بانيءَ جي عادت آهي، پي ٽي آءِ باني چاهي ٿو ته سندس سمورا گناهه معاف ڪيا وڃن. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ افرا تفري پکيڙڻ پي ٽي آءِ بانيءَ جي سوچ آهي، 9 مئي تي ملڪي ادارن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني سمجهي ٿو ته وري ڪو کيس ڪلهن تي کڻي وزيراعظم هائوس وٺي ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون