- Advertisement -
غيرقانوني طور مسقط وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 ڄڻا بک وگهي سمنڊ ۾ حياتي وڃائي ويٺا.
گوادر جي سمنڊ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته غيرقانوني طور مسقط وڃڻ جي ڪوشش دوران ٻيڙي خراب ٿيڻ سبب 20 ڄڻا سمنڊ ۾ گم ٿي ويا، جنهن کي ضلعي انتظاميا ريسڪيو ڪيو.
گوادر جي ڊپٽي ڪشمنر ٻڌايو ته ٻيڙي خراب ٿيڻ سبب اهي ماڻهو سمنڊ ۾ گم ٿي ويا هئا ۽ ويهن ڏينهن کان بک اڃ تي هئا، ٽئي ڄڻا بک وگهي فوت ٿي ويا آهن.
ضلعي انتظاميا موجب ٻيڙيءَ تي 20 ڄڻا سوار هئا، جن مان پنجن جي حالت خراب آهي، کين فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وئي، سندس حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي……………- Advertisement -
