پي ٽي آءِ باني ٻين پارٽين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، ساڍا ٽي سال هن ن ليگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پي ٽي  آءِ بانيءَ خلاف غداريءَ سميت نوان ڪيس داخل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف تڪراري ٽوئٽ تي به ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته سياسي ڇڪتاڻ وڌڻ جي ڪا به گنجائش ناهي،  اها اڳ ئي وڌي چڪي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻين پارٽين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، ساڍا ٽي سال هن ن ليگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو. سندس چوڻ هو ته جمهوريت پارٽين ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو، حڪومت طرفان ڳالهين جي آڇ تي ٻئي طرف کان ڪا به موٽ ناهي، اسد قيصر ڳالهين بابت چوي ته ٻئي ڏينهن تي پارٽيءَ کان فارغ ٿي ويندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته علي امين گنڊاپور گورنر کي ٻاهر اڇلائڻ جي ڳالهه ڪندو ته کيس به ٻاهر ڪڍي اڇلائي سگهجي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون