تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت ايس سي او سي ڪانفرنس ناڪام بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي:شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت ايس سي او سي ڪانفرنس  ناڪام بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي، تحريڪ انصاف قيادت ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ باني چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرڻ جي سازش جو حصو رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي تل ابيب مان پاليسيون، هدايتون ۽ حمايت ملي رهي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت ايس سي او سي ڪانفرنس ناڪام بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي، پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ سياسي نه پر يهودي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  تحريڪ انصاف باني جو تل ابيب سان رابطا ملڪ دشمن طاقتن طرفان ايس سي او کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهن، پي ٽي آءِ ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت پاڪستان جي قومي مفادن تي سوديبازي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ به پي ٽي آءِ باني پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ لاءِ چيني صدر جي دوري کي نقصان پهچائڻ جي سازش جو حصو رهيو آهي، تحريڪ انصاف قيادت ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ ملڪي سلامتي ۽ خودمختاري تي ملڪ دشمن مفادن کي ترجيح ڏيندي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ٿنڪ ٽينڪ هن وقت تل ابيب ۾ ويٺل آهي ۽ پاڪستان خلاف سازشن ۾ رڌل آهي، پي ٽي آءِ جا اهم پاليسي صلاحڪار اسرائيل ۾ ويٺل آهن جيڪي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، پي ٽي آءِ کي تل ابيب مان پاليسيون، هدايتون ۽ حمايت ملي رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پرڏيهي لابنگ لاءِ تل ابيب ۾ تحريڪ انصاف جا مددگار مسلسل متحرڪ آهن، پرڏيهي طاقتن طرفان پي ٽي آءِ جي مدد جو مقصد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ، ملڪ جي اقتصادي ۽ سفارتي ترقي کي نقصان پهچائڻ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستاني ڄائي صادق خان جي ڀيٽ ۾ زيڪ گولڊ سمٿ جي حمايت تحريڪ انصاف باني ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت جو ثبوت آهي، فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف اي پي سي ۾ تحريڪ انصاف جي عدم شرڪت پي ٽي آءِ ۽ اسرائيل جي ملي ڀڳت کي وائکو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون