تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڏينهن جي جسمانيرمانڊ تي پوليس حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڏينهن جي جسمانيرمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پرويز الاهيءَ جي جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاريءَ تي سندس وڪيل اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند چوڌري پرويز الاهيءَ خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس  پرويز الاهيءَ کي پيش پيو.

پوليس پرويز الاهيءَ جو رمانڊ گهرندي چيو ته جوابدار جڊيشل ڪمپليڪلس ۾ هنگامي لاءِ گاڏيون ۽ ڏنڊا فراهم ڪيا، حملو ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي اسلام آباد  موڪليو، کانئس گاڏيون هٿ ڪري اڻ ڄاٿل ماڻهن بابت پڇڻو آهي.

پرويز الاهيءَ جي وڪيل رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جي درخواست کل جوڳي آهي، پرويز الاهيءَ کي گجرانوالا ۾ داخل ڪيسن ۾ بري ڪيو ويو پر آزاديءَ بعد کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو،  سندس اصيل کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پرويز الاهيءَ عدالت آڏو بيان ڏنو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان نڪرندو ته نيب وارا گرفتار ڪندا، رات هڪ ايس پي وٽن آيو، ان ٻڌايو ته کيس سترهن سال پراڻي کيس ۾ گرفتار ڪرڻو آهي.

عدالت پرويز الاهيءَ جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس 8 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان کانسواءِ  پرويز الاهيءَ جي جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاريءَ تي سندس وڪيل اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي.

درخواست ۾ ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايڇ او شاليمار ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي درخواست ڪئي ته ڌرين کي طلب ڪري سندن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
28 %
2kmh
21 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون