تازه ترين

پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپيگنڊا لاءِ سرڪاري پيسو استعمال ڪيو: عطا تارڙ

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ رياست مخالف پروپيگنڊا لاءِ سرڪاري پيسو استعمال ڪيو، معاملي تي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڇا نوڪريون تحريڪ انصاف جون ملڪيت هيون؟. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت سوشل ميڊيا ٽرولر ڀرتي ڪيا، وٽن تفصيل موجود آهن ته ڪيئن عوامي پيسا ڦريا ويا. هن چيو ته 2019ع ۾ ڪي پي حڪومت سوشل ميڊيا انفلوئنسرز طور يارنهن سئو ماڻهو ڀرتي ڪيا، کين ڀرتي ڪرڻ جو مقصد سياستدانن کي گاريون ڏيڻ هو. عطا تارڙ چيو ته معاملي تي سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڇا نوڪريون تحريڪ انصاف جون ملڪيت هيون؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته جن ڏوهارين يارهن سئو ماڻهو ڀرتي ڪيا، انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهڙن ماڻهن کي انجام تائين پهچائڻ قومي فرض آهي، ان ڪريل عمل تي هڪ ارب رپيا کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون