تازه ترين

پي ٽي آءِ سول نافرماني جو سڏ ڏئي فيض حمد ڪيس تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي : فيصل واوڊا

- Advertisement -
سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جو سڏ ڏئي فيض حمد ڪيس تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه هميشه گڏ هونديون آهن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احترام ڪرڻ گهرجي. سينيٽر فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس بهادر آباد ڪراچي پهچي، ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته سياسي پارٽين وٽ وڃڻ قومي مقصد آهي، روزانو لاش ڪيرائڻ، ڌرڻا هڻڻ ۽ ناانصافيون پاڪستان برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ ۽ معيشيت درست رستي تي هلي رهيا آهن،  سڀني کي سمورين سياسي پارٽين جو مئنڊيٽ قبول ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه هميشه گڏ هونديون آهن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احترام ڪرڻ گهرجي، فضل الرحمان جا جائز مطالبا منظور ٿيڻ گهرجن. فيصل واوڊا چيو ته تحريڪ انصاف ۾ به سٺا ماڻهو آهن، پي ٽي آءِ  پنهنجو قبلو درست ڪري ته بهتر هوندو، بيگم ۽ سندس ساٿين کان باني تحريڪ انصاف جي جان بچائڻي پوندي. ان موقعي تي  مصطفيٰ ڪمال چيو ته سياسي استحڪام لاءِ فيصل واوڊا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
34 %
2.3kmh
40 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون